فارسي شعر جو نمونو: عبدالله (خطاط)

فارسي شعر جو نمونو: عبدالله (خطاط)

عبدالله خطاط

عبدالله (خطاط): هن خطاط جي صحيءَ سان جامع مسجد ٺٽي ۾ هڪ نموني جي لکت آهي، جيڪا 1068هه/ 1657ع جي تاريخ ڏيکاري ٿي. سندس هيءَ تاريخي لکت، نستعليق جي خط تي سندس مهارت ڏيکاري ٿي. مسجد جي لکت اها حقيقت ڏيکاري ٿي ته کيس ٺٽي جي گورنر سيد جلال مرتضويءَ جي سرپرستي حاصل هئي، جيڪو ان زماني ۾ شاهجهان پاران سنڌ جو گورنر هو. اهو به بيان ڪيو وڃي ٿو ته، هو منشي هو ۽ ڪلهوڙا دور تائين زندهه رهيو. عبدالله خطاط جي هڪ فارسي شعر جو نمونو شاهي مسجد ٺٽي ۾ ملي ٿو، جو خط نستعليق ۾ اڪيريل آهي. هن لکت جو لاڳاپو 1687ع سان آهي، جيڪو نموني طور هتي ڏجي ٿو.


لفظ عبدالله خطاطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو